اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته اسان کي ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجي سوچ بدلائي انفراديت بدران اجتماعيت کي اختيار ڪندي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪي ماڻهو قومي سوچ رکندا آهن ۽ قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي خواهشمند هوندا ??هن الله تعاليٰ انهن جي مدد ڪندو آ??ي ۽ انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندو آ??ي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ باچاخان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ گجو خان ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل اينڊ چيف ايگزيڪيٽو آ??ي??ر ڊاڪٽر فصيح الزمان کي 23.09 ملين جي لاڳت جون ٽي ايمبولينسز عطيه ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.