اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه پاڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي سرزمين آهي. سياح پاڪستان جي خوبصورتي ڏسڻ جي لاءِ هتي ضرور اچن. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ??ه پاڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي سرزمين آهي. ڪوهه هماليه، ڪوهه ق??اقرم ۽ هندوڪش پهاڙي سلسلو وڻندڙ خوبصورتي جو عڪاس آهي. هن چيو ته نانگا پربت ۽ ڪي ٽو جي پهاڙين جي دلڪشي پنهنج?? مثال پاڻ آهي.