خيبر – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان احساس نشونما پروگرام جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. پهرين مرحلي ۾ 9 ضلعن ۾ 33 احساس نشونما مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، پروگرام تحت ٽه ماهي بنيادن تي ٻا??ڙين کي 2 هزار رپيا جڏهن ته ٻا??ن کي 1500 رپيا وظيفو ڏنو ويندو. وزيراعظم ع??ران خان خيبر ضلعي ۾ قائم نشونما مرڪز جو دورو ڪيو جتي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي پروگرام بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، مذهبي معاملن وارو وفا??ي وزير پير نورالحق قادري ۽ چونڊيل نمائندا پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ٻا?? غذائي کوٽ جو شڪار آهن. اسٽنٽنگ (اڻ مڪمل نشونما) جي شرح جي لحاظ کان پاڪستان خطي ۾ ٻئي نمبر تي آهي. احساس نشونما پروگرام ملڪي تاريخ ۾ اسٽنٽنگ جي سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ جو پهريون حڪومتي پروگرام آهي. ان 3 سالن واري نشونما پروگرام جي بجيٽ 8 ارب 52 ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي. مستحقين کي صحت بخش غذا جي فراهمي سان گڏ ٽه ماهي نشونما پروگرام مان وظيفو پڻ ڏنو ويندو. ٻا??ڙين جي لاءِ 2 هزار جڏهن ته ٻا??ن جي لاءِ 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو هوندو. مستحقين کي صحت بخش غذا جي فراهمي سان گڏ ٽه ماهي نشونما وظيفو پڻ ڏنو ويندو. انهن ضلعن ۾ خيبر، اپر دير، باغ، غدر، خارمنگ، خاران، بدين ۽ راجن پور شا??ل آهن. ملڪ ۾ 33 احساس نشونما مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم مرڪز جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ اتي آيل عورتن ۽ ٻا??ن سان به مليو.