اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت تعميرات جي ش??بي ۾ ملڪي تاريخ جو ب??ترين پئڪيج ڏنو آهي، 31 ڊسمبر تائين تعميرات جي ش??بي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کان آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سيڙپڪار نئين پاليسي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن، پاليسي تحت بئنڪون تعميرات جي ش??بي ۾ ساليانو 330 ارب رپين جا قرض ڏئي سگهنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل علي انور حيدر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته حڪومت پاران عوامي ڀلائي جي مختلف قدمن بابت سلسليوار ٻڌايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم 2 ڏينهن اڳ نئون پاڪستان هائوسنگ من??وب?? بابت آگاهه ڪيو هو، سڄي ملڪ ۾ سستن گهرن جي دستيابي وڏو مسئلو آهي، وزيراعظم جي پاليسين جو محور غريب ۽ سفيد پوش طبقي جي ڀلائي آهي. هن چيو ته تعميرات جي ش??بي سان 430 صنعتون واڳيل آهن، روزگار جا موقعا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته حڪومت تعميراتي ش??بي کي جيڪو پئڪيج ڏنو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي، تعميراتي ش??بي سان ملڪي معيشت ۾ حرڪت پيدا ٿئي ٿي. هن چيو ته تعميرات جي ش??بي جي ترقي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ادارو ٺاهيو ويو جهڙي طرح ڪورونا وبا دوران اين سي او سي بهترين ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح هي ادارو ب?? تعميراتي ش??بي جي ترقي لاءِ ٺوس ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.