اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ منظرع??م تي آندي وئي آهي، هاڻي پئسو ٺاهيندڙن کان پئسو واپس وٺڻو آهي، ان جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ روايت رهي آهي ته ڪميشن ٺهنديون رهيون پر رپورٽ ??امهون نه ايندي هئي. هو پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪ پٺتي ويندو رهيو، ت??ري?? انصاف احتساب جو نعرو هنيو ۽ ان تي پورو لهندي، اسان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدو ڪيو ته احتساب سڀني جو ٿيندو، وزيراعظم عمران خان کنڊ جي معاملي تي پاڻ ڪميشن ٺاهي.