اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ساراهيندي مختلف ا??ارن جي سربراهن جي مقرري لاءِ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضا??طن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 12 وزارتن ۾ ضا??طن جي خلاف مقررين جي رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻين وزارتن کان به هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم عمران خان جي سوچ جو محور ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي به انهي سوچ جي عڪاس آهي، اسان کي ماڻهن جي صحت جي حفاظت سان گڏوگڏ انهن جي معاشي تحفظ کي به يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا 7 نقاطي هئي، ڪابينا اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي لاءِ 39 تجويزون پيش ڪيون ويون، اه?? تجويزون اعظم سواتي پارلياماني معاملن واري وزير جي حيثيت سان تيار ڪيون هيون.