اسلام آ??اد – 25ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسيحي ڀائرن کي ڪرسمس جي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مسيحي برادري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اسان هڪ اهڙو معاشرو بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي اختلاف راءِ جو احترام هجي?? صبر ۽ برداشت جو ماحول ??جي ۽ سمورن شهرين کي برابر حق ۽ موقعا ميسر اچن. اسان سڀ گڏجي پنهنجي ٻارن لاءِ هڪ مضب??ط ۽ خوشحال پاڪستان بڻائي رهيا آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.