اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته احتساب کي يرغمال بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ذات کي ن??انو بڻايو پيو وڃي، مسلم ليگ (ن) جي ان رويي جي مذمت ڪريون ٿا، مسلم ليگ (ن) جو رويو شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته حڪومت نواز شريف جي خاندان کان ڀُنگ طلب ڪري رهي آهي، شهباز شريف ڀنگ اغوا ڪندڙ وٺندا آهن سهولتڪار ناهن وٺندا. پارليامينٽ هائوس ٻاهرا?? صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ جي هڪ ڊگهي پريس ڪانفرنس جو بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل هو.