اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ فيصل واوڊا سميت 48 نوان چونڊيل سينيٽر اڄ جمعي تي ڇهن سالن لاءِ سينيٽ جي ميمبر طور حلف کڻندا، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ پهريون ئي نوٽيف??يش?? جاري ڪري چڪو آهي، سينيٽ جي نون ميمبرن ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جو سيد يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد، پنجاب مان مسلم ليگ (ق) جو ڪامل علي آغا، پي ٽي آءِ جو سيف الله سرور خان نيازي، عون عباس، اعجاز احمد چوڌري، سيد علي ظفر، زرقا سهروردي تيمور، مسلم ليگ (ن) جو افنان الله خان، ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعظم نذير تارڙ ۽ سعديه عباسي شامل آهن. سنڌ مان پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جو سليم مانڊوي والا، شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعواڻ، ڄام مهتاب حسين ڏاهر، فاروق حامد نائيڪ، پلوشه محمد زئي خان، پي ٽي آءِ جو محمد فيصل واوڊا، سيف الله ابڙو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سيد فيصل علي سبزواري ۽ خالده اطيب، خيبرپختونخوا مان پي ٽي آءِ جو محسن عزيز، شبلي فراز، لياقت خان ترڪئي، فيصل سليم رحمان، ذيشان خانزاده، دوست محمد خان، محمد همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، عوامي نيشنل پ??رٽ?? جو هدايت الله خان ۽ جي يو آءِ ف جو عطاءُ الرحمان شامل آهن. بلوچستان مان بلوچستان عوامي پ??رٽ?? جو پرنس احمد عمر احمد زئي، منظور احمد، سرفراز احمد بگٽي، سيد احمد هاشمي، ثمينه ممتاز، دنيش ڪمار، بلوچستان نيشنل پ??رٽ?? جو محمد قاسم، اي اين پي جو عمر فاروق، جي يو آءِ ف جو مولانا عبدالغفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ ۽ آزاد اميدوار محمد عبدالقادر ۽ نسيمه احسان شامل آهن. اهي ??يمبر 6 سالن جي لاءِ سينيٽ جا ميمبر چونڊيا ويا آهن. سينيٽ جا 52 ميمبر خميس ڏينهن پنهنجو 6 سالا آئيني مدو پورو ??رڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويا.