اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چ??و آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن ۽ انسان?? حقن جي پائمالين تي عالمي سطح تي آواز اٿارڻ جي لاءِ هو دنيا جي سمورن ملڪن جي 36 هزار پارليامينٽ ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن کي خط لکندو جن جي ذريعي ه?? عالمي برادري جي چ??نڊيل نمائندن جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري بدترين رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرائيندو. سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار تحريڪ ڪشمير برطانيا جي صدر راجا فهيم ڪياني سان ملاقات دوران ڪيو.