اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مديني جي رياست جي ماڊل تي ان لاءِ زور ڏيان ٿو ته اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ ??ان آگاهي ملي ۽ اهي ڏسي سگهن، حضور صه نوجوانن کي سکڻ جو حڪم ڏنو هو، اسان جي تعليمي ادارن ۾ اسلام جي تاريخ بابت نه ٿو ٻڌايو وڃي ان لاءِ نوجوان نسل کي پنهنجي ع??يم رول ماڊلز بابت ڄاڻ نه آهي، جيڪڏهن اسان کي ع??يم بڻجڻو آهي ته نبي صه جي زندگي کي رول ماڊل بڻائڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان ”مديني جي رياست ۽ اسلام جو تصور، نبوي صه جي تعليم جي روشني ۾“ جي موضوع تي انٽرنيشنل رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي چيو ته منهنجي گهڻي زندگي ٻاهرئين ملڪ گذري آهي ۽ آئون پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ عوام کي ڄاڻان ٿو جڏهن مون زندگي جو سفر شروع ڪيو ته مون کي سمجهه نه هئي، آئون رڳو والد صاحب جي چوڻ تي جمعي ۽ عيد جي نماز پڙهندو هئس، ان کانسواءِ منهنجو ڪو ايمان نه هو.