اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از سان بين الپارلياماني يونين جي صدر گيبريلا ڪ??ووس بيرن ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وزير معزز مهمان جي آجيان ڪندي چيو ته مختلف سطح تي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي ف??وغ ۽ هڪٻئي جي قدرن ۽ ثقافت کي سمجهڻ جو موقعو ملندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ عوام تائين رسائي ۽ راءِ عام هموار ڪرڻ جي حوالي سان گذريل سالن جي دوران سراسري تبديلي آئي آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي ڇو ته معلومات جي تشهير ۾ ان کي خصوصي اهميت حاصل آهي.