صوابي – 09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوابي ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. گجو ??ان ۾ پنس (پائن) جو هڪ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ٽائيگر فورس جي مدد سان پوري ملڪ ۾ جاري وڻڪاري مهم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي گجو ??ان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هر شخص کي هڪ وڻ لڳائڻ گهرجي جيڪو نه رڳو رسول ڪر??م صه جي سنت آهي پر ماحوليات جي لاءِ هڪ مثبت قدم آهي. هن چيو ته اسان کي گڏيل طور تي ??اڪ??تان کي صاف سٿرو ۽ سبز ??اڪ??تان بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻو آهي. اسپيڪر پوري ??اڪ??تاني قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ۽ ان مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر??.