اسلام آباد – 13 اپريل (اي ??ي پي) ڪورونا وائرس جي صورتحال تي قائم ڪيل خصوصي ??ار??ياماني ڪميٽي پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي چيو آهي ته هو سگهه، حوصلي ۽ صبر کان ڪم وٺن، حڪومت کين واپس وطن آڻڻ لاءِ هر مم??ن قدم کڻي رهي آهي، ڪورونا جي وبا الله جي طرفان امتحان آهي اهو حڪومت سان تعاون ڪن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ عالمي سط?? تي ٺاهيل ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي ??ار??يامنيٽ ڀرپور ۽ موثر انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري جو چوڻ هو ته چئني صوبن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عالم سڳورن سان ضلعي سط?? تي مشاورت سان رمضان المبارڪ ۽ مسجدن جي حوالي سان جيڪا به پاليسي ٺهندي اها پوري ملڪ لاءِ هوندي، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، ساجد نقوي سميت ٻين مسلڪن جا عالم سڳورا ۽ قيادت سان گڏجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيندا.