اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته ??ميد آهي ته 14 آگسٽ کان اڳ حڪومت سازي جو عمل مڪمل ٿي ويندو، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي وڏن وزيرن جي لاءِ مشاورت جاري آهي، فاٽا جي انضمام جي مخ??لفن کي عوام ??ڪس?? ڏئي ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت هوندي، اسان جو پيپلزپارٽي سان ڪو رابطو ناهي ٿيو. بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مولانا فضل ا??رحمان جهڙن سياستدانن پاران منفي سياست مذمت جوڳي آهي، انهن کي بدترين ??ڪس?? ٿي آهي انهن کي هاڻي احساس ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان جي عوام ڇا ٿي چاهي.