اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ??اڪ??ر بابرا عواڻ چيو آهي ته ??ون??ن ۾ ڌانڌلي جا الزام ختم ڪرڻ لاءِ اي وي ايم جو استعمال اڻٽر آهي، اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت گڏجي قدم کڻي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ اي ايم وي ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1970ع کان ??يندڙ هر ??ون?? ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳن??ا رهيا آهن، ان حوالي سان اسان کي هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته مخالف ڌر پارٽين کي ??ون?? سڌارن تي اسان سان ڳالهائڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي وي ايم ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ان ??يڪنالاجي سان ??ون??ن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اجلاس کي ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ڏنل شرطن تي پورو لهن ٿيون، انهن مشينن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به دستياب هوندو، هن چيو ته ايندڙ ??ون??ون اي وي ايم تي ڪرائڻ ۾ ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اطلاعات واري وزارت اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ بابت عوامي راءِ هموار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ??اڪ??ر بابر اعواڻ چيو ته ??ون??ن ۾ شفافيت جي حوالي سان ??وجوده حڪومت تاريخي قدم کنيا آهن، اي وي ايم ٽيڪنالاجي ??ون??ن ۾ شفافيت طرف هڪ اهم قدم آهي، هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت عوام ۽ سياسي پارٽين ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي حوالي سان ??عاملا بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ ??ون??ن خاص طور تي 2018ع جي عام ??ون??ن ۾ سياسي پارٽين پاران ??ڳايل اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ??ون?? سڌارن لاءِ سمورين ڌرين کي دعوت ڏيڻ، سال 2000ع کان ??ٺي هيستائين ??ون??ن تي ٿيندڙ خرچن، ضمني ??ون??ن ۾ مخالف ڌر جي اعتراضن، اي وي ايم جي حوالي سان شفافيت کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو پيڪيج تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس ۾ اطلاعات واري وزات ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت پاران اي وي ايم جي شفافيت بابت شروع ڪيل ميڊيا مهم جي حوالي سان به معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي اي وي ايم بابت اهم نقطن ۽ ان بابت خدشا ختم ڪرڻ، مالياتي معاملن ۽ ٽيڪنالاجي جي تفصيلي تعارف جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.