جده – 08 – ??ئي (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان سان ملاقات ٿي ??هي جنهن ۾ ان جي ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ موجود هئا، منهنجي سعودي پرڏيهي ??زير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان پڻ ويهڪ ٿي ??هي. وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ٿيون جنهن سان سعودي ??رب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. سعودي ??رب پاڪستان کي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ مان 500 ملين ڊالر جي رقم فراهم ڪندو. سعودي ??رب کي ايندڙ 10 سالن دوران 10 ملين افرادي قوت گهربل هوندي، ان گهربل ورڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي ??زير جده ۾ وزيراعظم جي سعودي ??رب جي دوري جي حوالي سان خصوصي ميڊيا ٽاڪ دوران ڪيو.