اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار ر??ءِ جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ?? آئيني حق تي ??ڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي ترقي ۽ صحافين جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رياست جي مفاد جو تحفظ اسان سڀني جي ل??ءِ مقدم ۽ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جي منظوري صحافين جي سلامتي، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي ل??ءِ تمام وڏي اڳڀرائي آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي، لاهور ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي عهديدارن سان ورچوئل اجلاس دوران ڳالهائيندي چئي.