اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر اڄ احساس گورننس ۽ ديانتداري پاليسي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي، ان پاليسي کي ڪابينا باضابطه طور تي ??نظور ڪئي ۽ نومبر 2019ع ۾ ان کي باقاعده جاري ڪئي وئي، اها پاليسي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن تي ??اڳو ٿيندي آهي ۽ ان جي عملدرآمد ايجنسين ۾ بي آءِ ايس پي، پاڪستان بيت المال، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ ۽ ٽرسٽ فار والينٽري آرگنائيزيشن شامل آهن، ڪرپشن جي حوصلا شڪني، عوامي مسئلن جي استعمال تي ??اعدن تي ??ڌل ڪنٽرول، نتيجن ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ احساس ان پاليسي کي پنهنجي 135 پروگرامن ۽ پالسيي قدمن ۾ شامل ڪيو آهي، پي اي ايس ايس ڊي جي چئني عملدرآمد ايجنسين جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته گذريل هڪ سال کان احساس گورننس آوبزرويٽري تي ڪم جاري آهي، ان حوالي سان اسان ڊسمبر 2019ع کان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو،