رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
دُنيا اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي جڏهن ته وڏي وقت کانپوءِ اڻميُون برساتُون وسڻ کانپوءِ دُنيا جو سڀ کان وڏو سياح??ي ماڳ مارئي جو ديس ٿر سياحن جي آمد جي ڪري ٻهڪي پيو آهي. جڏهن ته سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿر جا ٿوهر سياحن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ ڄڻ ته ٻانهُون کولي بيـٺل آهن
۽ ٿر واسيءَ خوشي مان ٻهڪي رهيا آهن، ٿرپاڪر پاڪستان جو ريگستاني علائقو آهي جنهن جو دارو مدار برساتن تي آهي۔ ان جي ڪري عام چوڻي آهي ته “وسي ٿر نه ته بر ئي بر” اهو بر سٺيون برساتون وسڻ کانپوءِ ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ٿي پيو آهي ۽ وڏي وقت کانپوءِ حسين ٿر بڻجي سياحن جي اکين کي آٿتُون ڏيئي رهيو آهي ۽ تل ترايون ڀرجي ويون آهن
ٿر ۾ وقت تي سٺيون برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار منهن ڪڍندو آهي ۽ ٿر واسين جون زندگيون مفلوج بڻجي وينديون آهن ۽ ٽهڪن ۽ خوشين بدران مختلف بيماريون واسو ڪري وينديُون آهن، جنهن جو اڪثر شڪار عورتُون ۽ ٻار ٿيندا ??هن، برساتون نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ گاهه نه ٿيندو آهي جنهن جي ڪري کاڌي خوراڪ ۽ کير جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي۔ انسانن ۽ جانورن کي گهربل کاڌو نه ملڻ ڪري ڀٽن جي ڀر ۾ مُئل مال ڏسي اکين جا سم??ورا خواب لُڙهي ويندا ??هن، پر جڏهن ٿر تي برساتون پونديون آهن ته ٿري ماڻهن جا چهرا ٿرجي پياسي زمين سان گڏ ٻهڪي پوندا ??هن، جهمريون هڻي برساتن جي آجيان ڪندا ??هن، برساتن جي وسڻ کان پو۽ ٿر جي اڃايل زمين به جيڪا بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي اها سائي چادر سان ڍڪجي ويندي آهي ۽ خوبصورت دل کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ وٽان هوندا ??هن
ٿر جون ??ني??ن به برسات تي ٿينديون آهن، جنهن ۾ ٿر جا ماڻهو فصل خاص ڪري گوار، ٻاجهري پوکيندا ??هن سٺي برسات پوڻ سان فصل به سٺا ٿيندا ??هن ۽ سياحن جي آمد سان هر طرف رونقُون لڳي وينديُون آهن.
گڊي ڀٽ ۽ ڪارونجهر جبل سم??ت ٿر جا سياح??ي ماڳ جيڪي برسات کانپوءِ سرها لڳڻ لڳندا ??هن
ٿرپارڪر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ سياح??ي ماڳ، ڪارونجهر جبل
ڀوڏيسر جي مسجد، مارئي جو کوهه، گوڙي مندر، ساردڙو مندر، تروٽ جي چوٽي، ننگرپارڪر ۾ پاڻي جا ڊيم، راڻاسر ترائي، پاٻوهر جي ترائي، مٺي شهر ۾ پڪنڪ پوائنٽ گڊي ڀٽ سم??ت ٻين هنڌن جي سونهن ڏسڻ وٽان هوندي آهي۔، جتي برساتون پڻ کان پو۽ پوري ملڪ مان هزارن جي تعداد ۾ سياح تفريح ڪرڻ جي لا۽ ايندا ??هن، انهن هنڌن ??ي محفل موسيقي مان به سياح لطف اندوز ٿندا ??هن، انهن هندن تي به ٿر جا ماڻهو مختلف ڪاروبار ڪري روزگار ڪندا ??هن۔
ٿر ۾ برساتن جي خوشي ٿر جي مالوندن کي عيد کان به وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته عيد جي خوشي صرف هڪ ڏينهن ۽ برسات پوڻ جي خوشي پورو سال محسوس ٿيندي آهي، ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر برسات تي آهي.
جيڪڏهن برسات نه پوي ته پورو ٿر ويران ۽ بيابان جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ جي اڻمئي برسات پوڻ تي ٿر بر بدران ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن سان ٿر جي مالوند ماڻهن کي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي ان جو اندازو بيان ڪرڻ کان به وڌيڪ هوندو آهي، برسات جي موسم ۾ ٿر جو هر ماڻهو پاڻ کي امير سمجهندو آهي ۽ برساتن کي ڏکن ۽ قرض جي خاتمي جو اعلان سمجهندو آهي.