اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صل??حڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ?? پارلياماني وز??ات ۾ شڪايت سيل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا سيڪريٽري، پارلياماني معاملن وارو سيڪريٽري ۽ وزارت جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. عوامي شڪايتن جي حل بابت وز??ات جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ مان مليل 53 هزار مان 41 هزار شڪايتون حل ڪيون ويون آهن، 11 هزار شڪايتن جي جاچ پڙ??ال جو ڪم جاري آهي، جلد حل ڪيو ويندو.