اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪ??ڻ جي ڀارتي ارادن جي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ان مهم ذريعي عالمي برادري ۽ عالمي ادارن کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ارادن کي جانچيندي والاريل ڪشمير جي صورتحال کي عالمي سطح تي اجاگر ڪ??ڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪ??ڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عالمي سطح تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب تبديل ڪ??ڻ جي ڀارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي ??زير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انهن کي ڀارتي ارادن کان آگاهه ڪيو.