اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ??يف??يننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ 4200 جي لڳ ڀڳ وينٽي ليٽرز مو??ود آهن ۽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر مريضن جي لاءِ وينٽي ليٽرز جي گهٽ??ائ?? يا کوٽ نه آهي. هن پر??س ڪانفرنس ڪندي چيو ته اضافي 1310 وينٽي ليٽرز جي خريداري لاءِ آرڊرز اڳ ۾ ئي ڏنا ويا آهن. ??يف??يننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وينٽي ليٽرز کي هلائڻ جي لاءِ تربيت يافته عملي جي ضرورت هوندي آهي. جن ڪمپنين کان وينٽي ليٽرز خريد ڪيا پيا وڃن انهن کان ع??لي کي تربيت ڏيڻ، وينٽي ليٽرز هڻڻ ۽ هڪ سال کان وٺي ٽن سالن جي مدي ??ائ??ن ان جي مرمت کي يقيني بڻايو ويو آهي، آمريڪا به پاڪستان کي 200 وينٽي ليٽرز ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، انهن مان اڌ تمام جلد پاڪستان پهچي ويندا، انهن ۾ ڪراچي ۽ پشاور کي 30، 30، بلوچستان کي 15 ۽ فيصل آباد کي 10 ۽ لاهور کي 15 وينٽي ليٽرز ڏنا ويندا.