اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ترقي يافته ملڪن وانگر لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري ??گهون، هڪ طرف ڪورونا ٻئي طرف ان جا معاشي اثر آهن، اسان کي ٻنهي ک?? منهن ڏيڻو آهي، پاڪستان ۾ لاڪ ڊائون سبب اڍائي ڪروڙ ماڻهن جو روزگار سخت متاثر ٿيو جيڪي ڏهاڙي يا ??فتي جي آمدني تي گذارو ڪن ٿا، سومر کان رجسٽرڊ بيروزگارن کي به منهنجي فنڊ مان روڪ رقم ملڻ شروع ٿي ويندي، مستحقين کي 12 هزار جي امداد اڳ ۾ ئي جاري ??هي، صوبا ٽرانسپورٽ کولي ڇڏين ڇو ته ان سان غريب ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، حالتون ڪنٽرول ۾ آهن پر ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ جو خدشو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو.