اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيستائين ڀارت ڪشميرين کي انهن جو بنيادي خودمختياري جو حق نه ٿو ڏي ان سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي ??خمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ??رابر هوندا، راندين جو فروغ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ انترنيشنل ڪرڪيٽ جي ??حالي سٺو سنئوڻ آهي، ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ڪرڪيٽ بحال ڪنداسين، وزيراعظم ڪرڪيٽ ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي، رانديون قومن ۾ اتحاد پيدا ڪن ٿيون ۽ دنيا آڏو معاشري جي مثبت ساک پيش ڪن ٿيون، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحالي سان پاڪست??ن بابت دنيا آڏو غلط بيانيو ڏيندڙن جا ارم??ن برباد ٿي ويا. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽيسٽ مئچ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته بنگلاديش جي ??يم جو پاڪستان اچڻ خوش آئنده آهي.