اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو پيغام هر گهر تائين پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان مرض جي جلد سُڃاڻپ سان موت جي شرح کي گهٽ ڪري ??گهجي ٿو، پاڪستان پو??يو جي بيماري کي ڪ??ميابي سان منهن ڏنو آهي ۽ ان تجربي حڪومت کي بعد ۾ ڪوويڊ 19 کي ڪ??ميابي سان منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم تمام گهڻي ??وثر طريقي سان هلائي پئي وڃي. هو بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پروگرام کي خطاب ڪري ??هيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صحت جي ٻين اهم مسئلن بشمول دماغي صحت، اسٽنٽنگ ۽ عورتن جي صحت بابت آگاهي پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان گڏ وڌائڻ گهرجي ڇو ته هڪ صحتمند قوم جي لاءِ عورتن کي صحتمند رکڻ تمام ضروري ??هي. ملڪ ۾ خانداني نظام تي روشني وجهندي صدر چيو ته عورت هڪ خاندان جي اهم ميمبر آهي جنهن کي صحتمند، مالي طور تي بااختيار ۽ معاشري ۾ ڪنهن به قسم جي هراسمينٽ کان محفوظ رکڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي سان واڳيل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي مرضن ۾ مبتلا آهي جنهن جو سبب بيماريون ۽ مالي مسئلا شامل آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊگهي مدي واري ??مل روڪ مصنوعات تائين ماڻهن جي پهچ وڌائي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جھي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته اهو صحت ۽ معيشت ٻنهي لحاظ کان ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. چين جو مثال ڏيندي صدر چيو ته ملڪ جي تيز رفتار ترقي صحت ۽ تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ سان ٿي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي کوٽ جي ڪري ??عد جي مرحلي ۾ دائمي بيماري کان بچڻ جي لاءِ روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي عورتن تي زور ڏنو ته اهي بيماري ??ي وقت سر سُڃاڻپ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڻ پتو لڳائڻ جا طريقا سکن، عورتن کي موت جي شرح کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڻ معائنو ڪرڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. مهم جي ڪ??ميابي ۾ ميڊيا جي ڪ??دار کي ساراهيندي خاتون اول چيو ته ميڊيا کي ان مرض بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري ??کڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته مون ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم 5 سال اڳ شروع ڪئي هئي ۽ هاڻي جنهن موضوع تي ڳالهه ڪرڻ تڪليف ۽ منع سمجهيو ويندو هو، هاڻي ??ر سطح تي ان تي بحث ٿي رهيو آهي. ا?? بيماري ??ابت آگاهي وڌائڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي هن اميد ظاهر ڪئي ته اها مهم سڄي ملڪ ۾ هر گهر تائين پيغام کي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي. هن ٻڌايو ته هر سال اٽڪل 44000 عورتون ڇاتي جي ڪينسر جي ڪ??ي موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون، جلد سُڃاڻپ سان موت کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ شروعاتي سُڃاڻپ جو تناسب 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اڪثر ڪيسز ٽئين ۽ چوٿين مرحلي تي رپورٽ ٿيا جتي موت جا امڪان تمام وڌيڪ هئا. جڏهن ته هن آگاهي مهم جي ڪ??ي پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جي وڌندڙ انگ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن ۾ موت جي شرح 48 سيڪڙو آهي جيڪا خطرناڪ حد تائين وڌيڪ آهي. هن ماڻهن کي چيو ته اهي ا?? بيماري ??ي ڳالهه ڪندي ڪ?? هٻڪ محسوس نه ڪن. بيگم ثمينه علوي چيو ته ا?? بيماري ??ابت منع ۽ خرافات هاڻي ختم ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو هاڻي ??ر فورم تي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مرض بابت آزاداڻي ڳالهه ٻولهه ڪري ??هيا آهن. ان موقعي تي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته حڪومت کي ملڪ ۾ صحت جي بجيٽ کي جي ڊي پي جي 4 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي جيڪو هن وقت جي ڊي پي جو رڳو هڪ سيڪڙو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊب??يو ايڇ او) جي پاڪستان جي ڪنٽري ڊاڪٽر پاليٿا گوناراٿنا مهيپا تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي کي ساراهيو.