اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف پشاور مو?? کان نيو اس??ام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس منصوبي ۾ 5 سالن جي دير جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اڳوڻن حڪمرانن پوڻا چار سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جو رٽ لڳائي رکي آهي، انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف 7 وڳي اس??ام آباد ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور مو?? ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. هن چيو ته هي منصو??و اڳوڻي وز??را??ظم محمد نواز شريف جي دور ۾ 2017ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، ان ۾ 5 سالن جي دير ٿي ۽ مصنوبي تي ڪم مڪمل نه ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف منصوبي ۾ دير جا جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وز??را??ظم رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو بس سروس شهرين جي لاءِ مفت هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ شهري مفت سفري سهولتون حاصل ڪندا. هن چيو ته وز??را??ظم اس??ام آباد ميٽرو کي ٽن رستن کان موٽروي سان ڳنڍڻ جي فوري فزيبلٽي جي تياري جو حڪم پڻ ڏنو آهي ۽ باره ڪهو، پشاور مو?? ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وز??را??ظم اس??ام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي بهترين ۽ معياري سفري سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجي پوڻي چئن سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جي رٽ لڳائي رکي آهي، نااهلي، نالائقي، سنگدلي ۽ ڪرپشن اڳوڻن حڪمرانن کان غيرملڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهرائي رهي آهي ڇو ته انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.