لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو، گورنر هائوس لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي 193 پي ٽي آءِ ميمبرن چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي هائوس طور نامزدگي تي مڪمل ??عت??اد جو اظهار ڪيو. وز??راعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي. هن چيو ته وڏي وز??ر عثمان بوزدار عاجزي، انڪساري ۽ رات ڏينهن محنت سان ساڍا ٽي سال گذاريا ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وقت ثا??ت ڪندو ته وڏي وز??ر جي ڪارڪردگي بهترين هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿ??، منهنجي نظر ۾ ان جو قد وڌي ويو آهي. هن چيو ته پنج 6 مهينن کان ٻاهرين سازش جو پلان بڻجي رهيو هو ۽ هتي جا رانديگر ان جو حصو هئا، مون کي خوشي آهي ته پارٽي جا ماڻهو اسان سان گڏ بيٺل آهن، هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي پاڻ ڏسندس، مون کي خوشي آهي ته منهنجي ٽيم گڏ بيٺل آهي، هن عورتن اسيمبلي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تيزي سان بدلجي رهيو آهي، ت??ن ۾ سياست به بدلجي وئي اهي ۽ هاڻي سڀ قومي غيرت ۽ خودداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، وز??راعظم چيو ته چوڌري پرويز الاهي کي پورو يقين ڏياريان ٿ?? ته پارٽي توهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان کي ڪامياب ڪرائيندي. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وز??ر عثمان بوزدار چوڌري پرويز الاهي جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، چوڌري پرويز الاهي وز??راعظم ۽ پي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته وقت ثا??ت ڪندو ته هي هڪ بهترين فيصلو هو. هن چيو ته گڏيل سهڪار سان ٻنهي پارٽين کي سگهه ملندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي ڪئي ۽ ختم نبوت سميت قرآن مجيد جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي، ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وز??ر شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه سميت ٻيا به موجود هئا.