اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آصف زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪ??رڪ?? به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا، مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏينداسين پر ??وم فيصلو ڪري چڪي آهي ته توهان کي اين آر او نه ملندو، مي??ار پاڪستان تي عمران خان گهرايو ته سمنڊ اٿلي آيو ۽ اڄ ٻيهر پريڊ گرائونڊ ۾ ??وم چئي رهي آهي ته وزيراعظم قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته 27 مارچ تي پاڪستانين کي اسلام آباد آڻڻ ??ي دعوت جي تمنا منهنجي قائد ڪئي ۽ اڄ ٻڌائي ڇڏيو ته ??وم جاڳي چڪي آهي. 1947ع ۾ قائداعظم ??وم کي جاڳايو ته پاڪستان ٺهيو، 1965ع ۾ ??وم جاڳي، پشاور اي پي ايس حملي تي ??وم جاڳي ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڄ ??وم جاڳي آهي ته ڪجهه ضمير وڪامجن ٿا ته ڪجهه ضمير حسين جي للڪار وانگر بيهي رهن ٿا، آصف علي زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪ??رڪ?? به وڪامجڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??وم اڄ عوام جي ڪچهري ۾ سرخرو ٿي وئي ۽ ??وم عمران خان کي چئي ڇڏيو ته اها ان سان گڏ بيٺل آهي، بيٺل هئي ۽ بيٺل رهندي. هتي ڪو ضمير فروش نه آهي. اڄ عمران جي بغض ۾ سڀ گڏ ٿي ويا. عمران خان جو ڳاٽ هي ??وم ڪڏهن جهُڪڻ نه ڏيندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اهي عمران خان کي پيغام ڏين ٿا ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، هو بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏيندا. ??وم فيصلو ڪري چڪي آهي ته زرداري، نواز شر??ف، فضل الرحمان توهان کي اين آر او نه ملندو. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو هو ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس. هن چيو ته اسلامو فوبيا ۽ گستاخي ڪندڙن جي خلاف قرارداد منظور ٿي آهي ۽ اهو اعزاز به پاڪستان ۽ توهان جي وزيراعظم جي حق ۾ وڃي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي سيني ۾ تمام گهڻا راز آهن، چاڪ ڪري ڇڏيان ته هي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن پر آئون هڪ حلف جو پابند آهيان. وفاقي وزير چيو ته مون پنهنجي ڪپتان کي آگاهه ڪري ڇڏيو ته منصوبابندي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿان ٿي رهي آهي، اها امانت مون توهان کي ڏئي ڇڏي آهي، ??وم جڏهن ڪنڌ کڻي جيئڻ جو عزم ڪري ٿي ته مشڪلاتون اينديون آهن. هن شرڪت ڪندڙن کان وچن ورتو ته توهان عمران جو ساٿ ڏيندا ۽ گهٻرائيندا نه. هن چيو ته منهنجي ڪپتان 30 آڪٽوبر 2011ع تي مي??ار پاڪستان گهرايو هو ۽ ??وم آئي ۽ اڄ ٻيهر 27 مارچ تي پاڪستاني ??وم اهو پيغام کڻي آئي آهي ته قدم وڌائي عمران اسان توسان گڏ آهيون. هن چيو ته ??وم چئي رهي آهي ته اسان کي کپي پراڻو خان ۽ نئون پاڪستان. ضمير فروشن کي ??وم ڪڏهن معاف نه ڪندي.