اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ت?? پاڪستان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيث??ت سان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي ت??ام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيبروري 2021ع ۾ پنهنجي سريلنڪا جي دوري کي ياد ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ٺوس طور تي اپ گريڊ ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم چي?? ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون پاڪستان سريلنڪا لاڳاپن جو اهم جز ۽ خطي ۾ ام?? ۽ استحڪام جو عنصر رهيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته هو سريلنڪن قيادت جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. سريلنڪا جي وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن تي زور ڏنو ۽ عالمي ۽ علائقائي فورمن تي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.