اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان س??ود?? عرب جي گهرو وزير شهزاده ع??دا??عزيز بن سعود بن نائف بن ع??دا??عزيز آل سعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر س??ود?? گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. س??ود?? عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي آزادي جي حوالي سان هن اميد ظاهر ڪئي ته س??ود?? حڪومت پنهنجي سزا پوري ڪندڙ قيدين جي آزادي تي مثبت انداز ۾ غور ڪندي. صدر ”روڊ ٽو مڪه“ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي س??ود?? قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ح??ومت ان جي توسيع ملڪ جي ٻين شهرن تائين ڪرڻ جي منتظر آهي. هن او آءِ سي ۽ ايف اي ٽي ايف جي سطح تي اڻٿڪ حمايت سان گڏوگڏ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان کي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي س??ود?? عرب جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ صورتحال تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها افغان عوام کي انساني تباهي کان بچائڻ جي لاءِ ضرورت جي لحاظ کان انهن جي مدد ڪري. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاهه سلمان بن ع??دا??عزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن ع??دا??عزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. س??ود?? گهرو وزير ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنيڪل ٽيمن پاران پاڪستاني قيدين جي معاملي کي حل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان ح??ومت جا ٿورا مڃيا. صدر 20 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ۾ س??ود?? عرب جي ڪردار ۽ تعاون ۽ خاص طور تي ڪورونا وبا دوران انهن سان انهن جي سُٺي سلوڪ کي ساراهيو.