اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاناما، پنڊورا ۽ ه??ڻي سوئس اڪائونٽس مان اها ئي ڪهاڻي سامهون آئي ته اڳ ۾ پئسا چوري ڪريو، پوءِ ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ پاڪستان جهڙن ملڪ جو اهم ترين مسئلو آهي. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ان مسئلي تي مسل??ل آواز اٿاري رهيو آهي ته امير ملڪ غريب م??ڪن جي ان استحصال کي روڪين. هن چيو ته مني لانڊرنگ ڪندڙ سڀ گڏ ٿي هاڻي اتحاد بڻائي رهيا آهن.