اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان منظم مافيا کي م??هن ڏئي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا کي م??هن ڏيڻ حڪومتي پاليسين جي عالمي سطح تي واکاڻ ٿي رهي آهي ته اهڙي وقت ۾ ٽ??انسپرينسي انٽرنيشنل جي بي تُڪي رپورٽ اچي ٿي جنهن جو سر آهي نه پير ۽ هڪ پريس ر??يز تي هيڊ لائينون لڳي وينديون ??هن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي رپورٽ چئي ٿي ته پاڪستان ۾ رول آف لا ۾ تنزلي ٿي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته هو ايئن ڇو چئي رهيا آهن؟ رپورٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو تذڪرو به ناهي پر پريس ر??يز ۾ اهڙا قصا جوڙيا ويا ته ڪرپٽ اپوزيشن جي به جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري، هن چيو ته ن ليگ ۽ فضل الرحمان عمران خان جي حڪومت کي ڪرپٽ چون، ان کي آسمان تي ٿڪڻ چوندا ??هن.