اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چار لائينن واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت مس??م ليگ (ن)) جي حڪومتي دور جي 411 ملين روپيا في ڪلوميٽر جي مقابلي ۾ گهٽ ڪري 172 ملين روپيا في ڪلو ميٽر ڪرڻ ۽ روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مس??م ليگ (ن) ۽ پنهنجي حڪومتي دور جي ڀيٽ جو چارٽ جاري ڪندي چيو ته مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي شفافيت ۽ ڊجيٽل??ئي??يشن جي ڪري چار لائين واري هاءِ وي جي لاڳت تي قومي خزاني کي مس??م ليگ ن جي حڪومتي دور جي مقابلي ۾ وڏي بچت ٿي آهي، ان کانسواءِ گذريل دور جي مقابلي ۾ ساڍا ٽن سال جي دوران روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو ??هي جيڪو 81.78 ارب روپين کان وڌي 184.14 روپيا ٿي ويو آهي، ان کانسواءِ 5.18 ارب روپين جي ماليت جي زمين قبضن کان آجي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اها ڪاميابي ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حاصل ٿي آهي، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ چار لائين واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت 17 ڪروڙ 20 لک روپيا في ڪلوميٽر ٿي وئي ??هي جيڪا مس??م ليگ (ن) جي 2013ع کان 2018ع جي حڪومتي دور ۾ 41 ڪروڙ 10 لک روپيا في ڪلوميٽر يعني 138 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. هن ٻڌايو ته چار لائينن واري موٽر وي تي مس??م ليگ ن جي دور ۾ لاڳت 60 ڪروڙ 60 لک روپيا هئي ۽ پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت 53 سيڪڙو گهٽ ٿي 38 ڪروڙ 50 لک روپيا ٿي وئي. هن ٻڌايو ته مس??م ليگ ن جي دور ۾ روڊ جي بحالي تي 8 ڪروڙ هڪ لک روپيا في ڪلوميٽر لاڳت آئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت گهٽجي 5 ڪروڙ 30 لک روپيا رهجي وئي. هن ٻڌايو ته مس??م ليگ ن جي دور ۾ پهرين ساڍا ٽن سالن ۾ روينيو وصولي 8 ڪروڙ 17 لک روپين کان وڌيڪ جڏهن ته پي ٽي آءِ جي انه?? عرصي ۾ اها وصولي 18 ڪروڙ 41 لک روپين کان ٽپي وئي ??هي جيڪو 125 سيڪڙو اضافو آهي.