اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خي??رپختونخواهه ۾ سياحت جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحت ڪارڊ جي فراهمي سان عوام کي معياري علاج جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن خي??رپختونخواهه جي وڏي وزير محمود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن خاص طو?? تي سياحت جي فروغ جي لاءِ جاري منصوبن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايگريڪلچر ٽرا??سف??رميشن پلان، ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ قدمن ۽ صوبي ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ صحت ڪارڊ ۽ ان سان عوام جي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.