اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ۽ د??يا کي افغانستان جي ا??تح??ام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، افغانستان جي موجوده صورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي، افغانستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، ??ار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اسان د??يا کي افغانستان جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي، افغانستان جي عوام جي مدد لاءِ پوري د??يا کي اڳتي اچڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ ا??تح??ام چاهي ٿو، افغانستان ۾ ا??تح??ام نه ٿيو ته عالمي دهش??گر?? تنظيمون افغانستان ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان د??يا کي افغانستان جي عوام جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. بلغاريه افغانستان جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته اسان طالبان حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪنداسين جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ان موقعي تي بلغاريه افغانستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪارن جي انخلا جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو افغان امن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلغاريه افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.