اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سج طلوع ڪندڙ لنڊن ۾ غر??ب ٿي چڪا آهن، شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي، شهباز شريف اڳ ۾ طئي ڪري وٺي ته هو پارٽي جي ”اندر“ آهي يا وڏي ميان پنهنجن جي ذريعي ”ٻاهر“ ڪري ڇڏيو آهي، پي ايم ايل اين جي سياست کي وڏي ميان صاحب ۽ سندس ڌيءَ دفن ڪري ڇڏيو آهي، اهي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، جيڪڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته حڪومت آئيني مدو پورو ڪري، عوام جيڪڏهن اقتدار عمران خان کي ڏي ته انهن کي برداشت نه آهي. شهباز شريف ۽ مولانا فضل الر??ما?? جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن کي سرڪاري وسيلن ۽ پروٽوڪول استعمال ڪرڻ جي ڏهاڪن تي ٻڌل عادت لڳل هجي ته اهي اقتدار ۽ اختيار کانسواءِ ??ئين ئي تڙپندا آهن جيئن مڇيءَ پاڻي کانسواءِ. جيڪڏهن ملڪ ۾ اڄ مهانگائي آهي ته ان جو سبب توهان جي اربن کربن جي ڪرپشن ۽ غيرملڪي قرض آهن جيڪي توهان ذاتي مفاد جي لاءِ وٺندا رهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا پنهنجي سياسي اناءَ جي تسڪين لاءِ ??مهوري نظام سان نه کيڏي، انهن کي اڳوڻي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير ڇو ياد نه اچي رهي آهي؟ پنهنجي هڪ پ??يٽ حلوي جي لاءِ پوري ديڳ ڇو اونڌي ڪرڻ چاهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف سان اهو ئي سلوڪ ڪري رهيا آهن جيڪو زرداري ۽ بلاول گڏجي مولانا فضل الر??ما?? سان سان ڪيو آهي. مولانا کي پنهنجي اها عزت افزائي ڪڏهن نه وسارڻ گهرجي، مولانا صاحب ۽ شهباز شريف گڏجي متاثرين جي لاءِ ??نجمن ٺاهين.