لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ??رطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽين جي سربراهن لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي هائوس آف ڪامنز پرڏيهي معاملن بابت سليڪٽ ڪميٽي جو سربراهه ٽام ٽگن ڊاٽ ۽ ڊفينس ڪميٽي جو سربراهه ٽوبياس ايلووڊ ڪري رهيا هئا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي افغانستان ??ي اڀرندڙ صورتحال بابت پاڪستان ??ي موقف کان ??گاهه ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ??ي حوالي سان پاڪستان ۽ برطانيا جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ چاهين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ عالمي بر??در?? کي افغانين کي انساني بحران کان ??چائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام سان ??فغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا ڪَر کڻندا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن، بدترين گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارتي قابض فوج جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارتي آفيسرن جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، اسان ??ٺوس ثبوت دنيا آڏو رکي ڇڏيا آهن ته جيئن اها پاڻ انهن حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي. ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وجهندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ويجها دوست ۽ پراڻا حصيدار آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪ برطانيا اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ لاڳاپن کي اڳئين درجي تائين وڌايو وڃي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ فعال بڻائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي خدمتن کي بهتر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.