اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، بر??ان??ي پرڏيهي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان تفصيلي ثبوت پيش ڪيا. لنڊن ۾ بر??ان??ا جي ٽن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته بر??ان??ا اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان انس ان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته بر??ان??ي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻ??لهه ٿي. هن چيو ت?? پاڪستان ۽ بر??ان??ا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، بر??ان??ا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ت?? پاڪستان ۽ بر??ان??ا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جوڙڻ جي حوالي سان به بر??ان??ي عملدارن سان ڳالهه ٻ??لهه ٿي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته مون بر??ان??ي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي حوالي سان تفصيلي ثبوت فراهم ڪيا. پرڏيهي وزير چيو ته بر??ان??ا ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جو وڏو انگ رهي ٿو ۽ اهي بر??ان??ا جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.