دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خطي جا سمورا اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق آهن ته افغانستان ۾ اس??حڪام لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستان جي صورتحال ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري ۽ شنگهائ?? تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شنگهائ?? تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي اس??ن جي بيلاروس، ازبڪستان، ايران ۽ قزاخستان جي صدرن سان اهم ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم عمران خان ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وڌيڪ ڌي??ن افغانستان تي رهيو آهي، دلچسپ موقف ٻڌڻ لاءِ مليو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اس??ن کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ جامع حڪومت لاءِ اس??ن کي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان ڳالهه تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق آهي ته افغانستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته افغانستان چوواٽي تي بيٺل آهي، اس??ن خطي جي اڳواڻن کي باور ڪرايو آهي ته افغانستان يا ته اس??حڪام طرف وي??دو ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پوري خطي لاءِ خطرناڪ هوندو، ان صورتحال جو سموري ليڊرشپ کي ادراڪ آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ترڪمانستان، ازبڪستان، قزاخستان ، ايران ۽ پاڪستان جا سربراهه هتي موجود آهن، سڀاني چين جو پرڏيهي وزير به هتي اچي رهيو آهي، اس??ن هڪ حل طرف اڳتي وڌي رهيا آهيون، افغانستان جي اس??حڪام لاءِ سمورن پاڙيسرين گڏجي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪري رکيو آهي.