اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو غاصباڻو قبضو گهڻي دير نه رهندو، اتي سيد علي گيلاني جهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا ۽ ڪشمير جلد آزاد ٿيندو. هو بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي غائبانه جنا??ي نماز جي ادائيگي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. سيد علي گيلاني جي غائبانه جنا??ي نماز پارل??ام??نٽ هائوس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پارل??ام??نٽ ميمبرن، وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ??ين سياسي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي تائين انهن جهڙا حريت پسند پيدا ٿيندا رهندا. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلمن سان گڏوگڏ ڀارت جي اندر سمورين اقليتن سان سلوڪ افسوسناڪ آهي، اها صورتحال ڀارت جي بربادي جو سب?? بڻجندي جيڪو پاڻ پنهنجي اندر تعصب ۽ اقليتن جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو جنهن سان انهن جي ساک متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ انهن جي آزادي جو خواب جلد پورو ٿيندو. ان موقعي تي غائبانه جنا??ي نماز ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن پڻ سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.