اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي، ان صلاحيت کي استعما?? ۾ ??ڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي ??بادي کي سياحت جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان ڪائونسل جي ٻارهين (12) سيشن جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪائونسل گلگت بلتستان ۾ عوام کي مواصلات جي بهتر سهولتن جي فراهمي ??ي غرض سان نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز سپيڪٽرم جي نيلامي ??ي حوالي سان پاليسي ڊائريڪٽيو جاري ڪرڻ جي منظو??ي ڏني. اجلاس ۾ گگلت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع جي منظو??ي ڏني، گلگت بلتستان ڪائونسل جي 6 ميمبرن جي چونڊ گلگت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع تحت ڪئي ويندي. ڪائونسل منهاس حسين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غذر، جي جج طور بئنڪنگ اينڊ ڪسٽمز ڪورٽ گلگت بلتستان مقرري جي منظو??ي ڏني، جناب منهاس حسين کي جج قومي ??حتساب ڪورٽ گلگت بلتستان جو اضافي جارچ ڏيڻ جي به منظو??ي ڏني وئي، ايجنڊا جي باقاعده منظوري کانپوءِ وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي وڏي وزير کان تازين برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ رليف قدمن جي حوالي سان بريفنگ ورتي، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي صلاحيت کي استعما?? ۾ ??ڻڻ ۽ فروغ جي حوالي سان به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان صلاحيت کي استعما?? ۾ ??ڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي ??بادي کي سياحتي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جئين جتي سياحت کي فرُغ حاصل ٿئي اتي مقامي ??بادي کي بهتر معاشي موقعا ميسر اچي سگهن.