اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب، وفاق سنڌ حڪومت کي هيستائين اين ا??ف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪو آهي، ٻڌايو اهو پئسو ڪٿي خ??چ ٿيو؟ توهان سنڌ حڪومت جي غفلت ۽ لاپرواهي تي سنڌ جي عوام کان ڪڏهن معافي گهري رهيا آهيو؟ سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو اهو پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، سنڌ ۾ ڪرپشن سان گڏوگڏ صل??حي?? جي به کوٽ آهي، 59 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ استعمال نه ٿي سگهي، صوبائي حڪومت هدف موجب 53 سيڪڙو روينيو به جمع نه ڪري سگهي ان کانپوءِ به حڪومت ڪرڻ جو ڪو جواز بچي ٿو؟ پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان ڪرپشن هجڻ گهرجي ڇو ته هو ان کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي. بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۽ پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول همت ڪري ۽ سنڌ جي عوام کي ٻڌائي وفاقي حڪومت پاران اين ا??ف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي جاري ٿيندڙ 1900 ارب روپيا ڪٿي خ??چ ڪيا آهن.