اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئ?? پارٽيون گڏجي ويهن ۽ متفقه فيصلو ڪن?? پولنگ ٿيڻ کانپوءِ ??تي??ا صبح تائين ناهن ايندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ کان ئي تيار نه آهن، مشينن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن تي بجيٽ جو اضافي بار نه پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان اليڪٽرانڪ رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به هوندو، هر پولنگ اسٽيشن ۾ اهي مشينون موجود هونديون جيڪي انٽرنيٽ کانسواءِ ڪم ڪن??يون. اهي مشينون استعمال ۾ ڪرڻ ۾ آسان آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪن??ي، ايندڙ پنج سال به عمران خان وزيراعظم هوندو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم ج?? پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي باري ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر في??ل جاويد ۽ ٻيا ماهر به موجود هئا. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اهم مسئلو ??تي??ن جو وقت سر نه اچڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي ??تي??ن کي تسليم ڪرڻ جا مسئلا رهندا آهن، ان جو حل اهو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئ?? پارٽيون گڏجي متفقه فيصلو ڪن?? پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، هن چيو ته ڊسڪه ۽ ڪراچي اليڪشن ۾ اهي شڪايتون رهيون ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڏينهن تائين ??تي??ا سامهون نه آيا، هن ٻڌايو ته پاڪستان جي انجنيئرز، سائنسدانن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود ماهرن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي تياري ۾ مدد ڪئي، جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ته ان وقت اليڪشن ڪميشن تقريبن 36 شرط ڏنا ته جيڪا مشين تيار ڪئي وڃي اها ان 36 شرطن تي پورو لهي، هن ٻڌايو ته انهن مشينن جي تياري ۾ انهن سڀني شرطن کي مڪمل ڪيو ويو.