اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي ج??هو??يت کان ??هترين انتقام وٺي رهيا آهن، پئسي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ ج??هو??يت جي پويان لڪي ويندا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته پارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن ??يو ته عوام انهن جي دوکي ۾ ??ه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جي انهن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کين لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير ??يو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پٽ کي پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.