اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، شموليتي سيڙپڪاري ۾ سمورن شعبن خاص طور تي عورتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪرپشن کان بچاءُ، ڪارڪرد??ي ۾ اضافي ۽ نظم ۽ ضبط تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ کي ت??قي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، موجوده حڪومت رو??گار ۽ تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن شعبن ۾ اڻبرابري ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شموليتي سيڙپڪاري پاڪستان ايڪسپو 2020?? جي افتتاحي تقر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو.