اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته عالمي برادري ڀارت جو والاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪرائي، ڀارتي فوج کي والاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڪشميرين جي جان ڇڏي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، مون کي پڪو يقين آه?? ته ڪشميرين جون قربانيون رنگ لائينديون، اهو ڏينهن پري نه آه?? جڏهن ڪشميرين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت سدائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آه??، پاڪستان سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آه?? جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آه??، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ اهم ڏينهن آه??، استحصال جو ڏهاڙو ملهائن جو مقصد ڪشمير جي حوالي سان اسان جي بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آه?? ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آه?? ته ڪشمير تڪرار تي اسان سڀ متحد آه??ون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي خطرناڪ قدم کنيو، ڪشمير کي جيل خانو بڻايو ويو، ڪشميرين تي ظلم ۾ وڌيڪ ??ضا??و ٿي ويو. هن چيو ته رياستي دهشتگردي جي ذريعي ڪشميرين تي انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن، اسان ڪشميري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ظلم کي هر فورم تي اجاگر ڪيو آه?? ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي ڪشميرين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيترائي ڀيرا ??ضا??و ٿي ويو آه??، ڪشميري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي ويا آه??.