اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اط??اع??ت ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ جدوجهد جاري ره??دي?? 25 جولاءِ 2018ع تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ 22 ڪروڙ عوام گڏجي نئين سوچ جو بنياد رکيو، هڪ فرسوده، مراعت يافته، اقرباپروري ۽ ڪرپٽ نظام کي شڪست ??لي، اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي. 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جي مناسبت سان اط??اع??ت ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو ته فرسوده نظام جا خالق ملڪي ادارن ۽ معيشت کي کوکلو ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهيا. جڏهن اسان کي اقتدار مليو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتون درپيش هيون، ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود وزيراعظم جي قيادت ۾ نئين عزم سان سڌارن طرف وڌياسين. هن ??يو ته ڪورونا وبا کي نه رڳو منهن ڏنو پر معيشت ۽ صحت ٻنهي کي اهميت ڏني وئي.