اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي آءِ اي جهڙن قومي ادارن کي ماضي ۾ تباهه ڪيو وي??، هن وقت پي آءِ اي سميت سيرين ايئر لائين ۽ ٻين نجي ايئر لائنز جا پائليٽس ڇنڊڇاڻ جي عمل مان گذري چڪا آهن ۽ تصديق ٿيل ڊگريون رکندڙ آهن، عوام اعتماد رکي، جهاز اڏائيندڙ سمورا پائليٽس جانچ کانپوءِ ڪليئر آهن، پي آءِ اي سميت سمورن ادارن جي ساک بحال ڪنداسين، جنهن اداري کي هٿ لڳايون ٿا ان ۾ مسئلا آهن، وفاقي وزير سيد علي زيدي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح مسافرن جو تحفظ آهي، سول ايوي ايشن جي ??ائسنسنگ اٿارٽي جي ??نج خاص ماڻهن کي معطل ڪيو وي?? آهي، ضابطي جي خلا?? ڀرتين ۾ ملوث ماڻهن جو ڪڙو احتساب ٿيندو، احتساب جو عمل سدائين مٿان کان شروع ٿيندو آهي، گذريل 10 سالن ۾ ٻنهي حڪومتن ملڪي تشخص کي نقصان پهچايو، پيپلزپارٽي کي عوام کان ڦريل ڳڀي، لٽي ۽ اجهي جو جواب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم جي خاص مددگا?? شهزاد اڪبر چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت سپريم ڪورٽ جي ??يصلي کي تسليم ڪريون ٿا، شاهد خاقان عباسي 20 ارب روپين جي سبسڊي ڏيڻ جي ??عاملي جو اڃان تائين جواب ناهي ڏنو، اسان جي ڪو??ش آهي ته کنڊ جي ??يمت عوام جي ??هچ ۾ رهي، اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.