اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي ڪيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم دهشتگردي جي ڪارروائي ک?? ناڪام ب??ائيندڙ بهادر سپا??ين ۽ محافظن کي سلام پيش ڪيو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جون تصويرون پ?? شيئر ڪيون.